ميلبورن، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ شڪست باوجود شاندار نموني سان راند کيڏڻ بعد پاڪستان جي قومي ٽيم آسٽريليا مان ڏيهه ڏي رواني ٿي وئي آهي ميڊيا مطابق ڪپتان بابراعظم ۽ ڪوچنگ اسٽاف سميت رانديگر شام جي وقت ميلبورن ايئرپورٽ تان هوائي اڏام ذريعي روانا ٿيا آهن. جڏهن ته ميلبورن جي ايئرپورٽ تي رانديگرن مصروف ترين وقت گذاريو، جنهن دوران انهن مداحن سان سيلفيون ورتيون ۽ انهن کي آٽوگراف به ڏنا آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪپتان بابراعظم، نسيم شاهه بيٽنگ ڪوچ محمد يوسف، مينيجر منصور رانا لاهور، حيدر علي، شاداب خان، محمد نواز، راوالپنڊي، محمد رضوان، شان مسعود، شاهنواز ڏاهاڻي، محمد وسيم جونيئر، افتخار احمد، خوشدل شاهه، اسسٽنٽ بالنگ ڪوچ عمر رشيد ڪراچي پهچندا. جڏهن ته بالنگ ڪوچ شان ٽيٽ دبئي رستي برطانيا روانو ٿيندو هوڏانهن ڊسمبر ۾ انگلينڊ خلاف رٿيل ٽيسٽ سيريز جي پڻ تياري ڪئي وئي آهي پر زخمي ٿيڻ بعد شاهين آفريدي اسڪواڊ مان نڪري ويو آهي، جنهن جي جڳهه تي حارث رئوف کي کڻڻ تي غور ڪيو پيو وڃي
