ٺڪراٺو :جي گلشن پبلڪ اسڪول ۾ ثقافت جا رنگ نکري پيا سنڌي ثقافت ۽ ٻين موضوعن تي خوبصورت تقريرون پوزيشن ھولڊر شاگردن ۾ انعام ورھايا ويا

ٺڪراٺو جي گلشن پبلڪ ڪمپيوٽرائزڊ اسڪول ۾ ثقافت جا رنگ نکري پيا ايڪتا جي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ اسڪولي استادن شاگردن شاگردياڻين شھرين ۽ صحافين شرڪت ڪئي پروگرام ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين محمد بخش علي نواز مھتم ردا بتول ياسر سومرو شاھد مھر شازيا لغاري ۽ ٻين سنڌ جي ثقافت تعليم ۽ اي پي ايس جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي موضوعن تي خوبصورت تقريرون ڪري ويٺلن کان خوب داد وصول ڪيو جڏھن ته نظر حسين تنوير احمد ۽ ٻين جي ٽيم قومي گيتن تي رقص ڪيو انھي موقعي تي اسڪول جي آپريٽرن فقير محمد مھر شاھد حسين سومرو پرنسيپال مھتاب علي مھر استاد محمد حسن منگي علي حسن مھر علاءُ الدين مھتم اصغر سمون نظام الدين قاضي ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ثقافت ھزارين سال پراڻي آھي ۽ ھر سال جيان ھن ڀيري به ثقافت جو پروگرام منعقد ڪيو آھي انھي ۾ تعليمي جاڳرتا ۽ پشاور اسڪول جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ھنن چيو ته اھڙن پروگرامن جو مقصد صرف ۽ صرف ايندڙ نسل کي ثقافت بابت آگاھ ڪرڻ سميت شاگردن ۾ اتساھ پيدا ڪرڻ آھي جيئن شاگرد تعليم حاصل ڪن ۽ محنت ڪري سنڌ ڌرتي ۽ ان ۾ رھندڙ ماروئڙن جي خدمت ڪن پروگرام جي آخر ۾ پوزيشن ھولڊر شاگردن ۾ انعام ورھايا ويا ۽ اي پي ايس جي شھيدن لا۽ خصوصي طور تي دعائون گھريون ويون.