خيبرپختونخواهه جي ٻن اهم ضلعن ٽانڪ ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن سبب پوليو کان بچاءُ جي مهم ملتوي ڪئي وئي آهي ذريعن موجب ٽانڪ ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليو کان بچاءُ جي مهم 18 ڊسمبر کان شروع ٿي هئي پر سيڪيورٽي خدشن سبب ان کي ملتوي ڪرڻو پئجي ويو آهي ياد رهي ته گذريل ڪجهه وقت کان خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي ٻيهر ڪر کنيو آهي. صوبي جي شهرن خاص طور تي ڊيره اسماعيل خان، ٽانڪ ۽ بنون ۾ ڪيترائي دهشتگرد حملا ٿيا آهن. ان کان اڳ نومبر ۾ به سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي پوليو مهم ملتوي ڪئي وئي هئي