لاهور جي علائقي باغبانپوره جي علائقي ڀرسان شادي هال ٻاهران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جي 2 عورتن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آءِ جي پنجاب واقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدار جي جلد گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي پوليس موجب جوابدار سلمان پنهنجي اڳوڻي گهر واري ڪرن، سَاليءِ 20 ورهين جي طيبه، سَالي عبدالله ۽ سُهڙي 50 ورهين جي محبوب کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويو آهي. متاثر خاندان فيصل آباد جي سوسائٽي ايڊن گارڊن ۾ رهندو هو. مقتول محبوب لاهور ۾ پنهنجي ڀاڻيجي جي شادي ۾ شرڪت جي لاءِ آيو هو پوليس موجب مقتوله عورت ڪرن 2 سال اڳ پنهنجي مڙس وسيم کان خلع ورتي هئي، جنهن تان جوابدار کي سخت ڪاوڙ هئي. جنهن کان پوءِ جوابدار وسيم شادي جي تقريب تان واپس موٽندڙن مٿان فائرنگ ڪري ڏني جوابدار وسيم جي فائرنگ سبب ڪار تي ويندڙ سندس اڳوڻي زال، سُهرو، سالو ۽ سالي قتل ٿي ويا. گوليون لڳڻ سبب جوابدار جي ڌيءَ ۽ 2 عورتون به زخمي ٿي پيون پوليس فرانزڪ ٽيمن جي مدد سان واقعي واري هنڌان شاهديون گڏ ڪري جوابدار جي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي. ٻئي طرف آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور افسوسناڪ واقعي تي نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدار کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.