پيٽرول سستو ٿيڻ کان پوءِ عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ لاٿ جو امڪان

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ کان پوءِ هاڻ عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ به لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ سان عام واهپي جي شين ۾ به هيٺ مٿانهين جو امڪان آهي. نگران حڪومت گذريل 3 مهينن دوران پيٽرول ۾ 62 روپيه ۽ ڊيزل ۾ 55.17 روپيه لاٿ ڪئي آهي موجوده حڪومت پيٽروليم قيمتن ۾ پهريان 40 روپيه ۽ هاڻ 14 روپين جي لاٿ سان عوام کي ڪافي حد تائين رليف مليو آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ رليف ملڻ جو امڪان آهي ياد رهي ته هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ پيٽرول 331 روپيه 38 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت 329 روپيه 18 پئسا هئي. هاڻ انهي ئي پيٽرول جي قيمت 16 ڊسمبر تي لاٿ کان پوءِ 267 روپيه 34 پئسا ۽ ڊيزل 276 روپيه 21 پئسن تائين پهچي ويو آهي.