پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ نمايان لاٿ جي باوجود شهرين لاءِ روزاني جي عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي آهي تفصيل موجب مهانگائي جو جن بوتل مان ته نڪتو آهي پر واپس وڃڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. هر شيءَ عوام جي پهچ کان پري ٿي رهي آهي. راولپنڊي جي آچر بازار ۾ ادرڪ 4 سئو 50 روپيه، بصر 2سئو روپيه، پٽاٽا 100 روپيه، ٽماٽا 100 روپيه، بند گوبي هڪ سئو ويهه روپيه، ٿوم 5 سئو روپيه ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي بازار ۾ ايندڙ شهري قيمتون ٻڌي پنهنجا هوش حواس وڃائي ويهندو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته پيٽرولم شيون ۽ ڊالر جي قيمتن ۾ لاٿ جو عام ماڻهن کي ڪهڙو فائدو پهچي ٿو. عام واهپي جون شيون ته اسان جي پهچ کان پري ٿينديون پيون وڃن آچر بازار ۾ فروٽ جي اگهن ۾ به لاٿ نه اچي سگهي. صوف 150 کان 300 روپيه ڪلو مليا ته ڏاڙهون 350 روپيه ڪلو ۽ انگور 200 کان 350 روپيه ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن ٻئي طرف پشاور جي وڏي واپاري مارڪيٽ ۾ به شهرين جو چوڻ آهي ته پيٽرول سستو ٿيڻ جو اسان کي ڪوبه فائدو نه ملي رهيو آهي هر شيءَ اسان جي پهچ کان پري ٿي رهي آهي. واپاين جو چوڻ آهي ته جيستائين پيٽروليم شين سان گڏ ٽرانسپورٽر ڀاڙا گهٽ نه ڪندا تيستائين اسان شين جي قيمتن ۾ لاٿ نٿا ڪري سگهون واپارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون گهٽ ٿينديون رهنديون آهن پر ٽرانسپورٽر به ڀاڙا گهٽ ڪن ته جيئن عوام کي به رليف ملي سگهي. جيستائين ڀاڙا گهٽ نه ٿيندا ان وقت تائين اسان عوام کي رليف نٿا ڏئي سگهون ۽ نه ئي قيمتن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي.