ڪشمور لڳ ڳوٺ محمد صالح مزاري نزد ڊکڻ بنگلو ۾ اسد مزاري پنهجي وڏي ڀاء حاڪم علي مزاري جي ناجائزن خلاف ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته منهجو وڏو ڀاء حاڪم علي مزاري مونکي پنهنجي بابا جي زمين مان حصو نٿو ڏي جڏهن هن چيو ته اسان جو بابا 2017 ۾ فوت ٿي ويو آهي تهن بعد اسان جي وڏي ڀاء سڄي زمين مٿان قبضو ڪيو آهي اسد مزاري چيو آهي ته منهنجي وڏي ڀاء ڪشمور ٿاڻي تي مون مٿان ڪوڙا ڪيس پڻ داخل ڪرايا آهن اسد علي مزاري چتاءُ ڏيندي چيو ته منهجو وڏو ڀاء تر جي ڪنهن چڱي مڙس وٽ ويهي مونسان فيصلو ڪري منهنجو وڏو ڀاءَ حاڪم علي مونکي روپوش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي ان لاء مون مٿان ڪوڙا ڪيس پيو داخل ڪرائي هن ايس ايس پي ڪشمور مير روحل خان کوسو کي اپيل ڪيو آهي ته انڪوائري ڪري مون مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي مونکي پنهنجي وڏي کان خطرو آهي هن ڪشمور جي چڱن مڙسن کي اپيل ڪيو آهي ته منهنجي وڏي ڀاءُ کان مونکي زمين جو حصو وٺرائي ڏنو وڃي