آرمي چيف جنرل عاصم منير جي آمريڪي سينٽ ڪام جي ڪمانڊر سان ملاقات

آرمي چيف جنرل عاصم منير آمريڪا جي دوري دوران آمريڪي سينٽ ڪام جي ڪمانڊر جنرل مائيڪل ايرڪ سان ملاقات ڪئي آهي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ(سينٽ ڪام) جي ڪمانڊر جنرل مائيڪل ايرڪ ڪوريلا سان فلوريڊا ۾ سينٽ ڪام جي هيڊ ڪوارٽرز جي دوري دوران ملاقات ڪئي ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص طور تي علاقائي سلامتي جي معاملن ۾ تعاون تي ڳالهيون ڪيون ويون. جنرل سيد عاصم منير ۽ ڪمانڊر جنرل مائيڪل ايرڪ گڏيل تربيت جي طريقن تي به ڳالهيون ڪيون آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ سينٽ ڪام ۽ پاڪ فوج وچ ۾ تربيتي معاملن کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. آرمي چيف دوري دوران سينٽ ڪام جوائنٽ آپريشن سينٽر جو به دورو ڪيو.