سينئر قانوندان حامد خان هڪ دفعو ٻيهر ملٽري ڪورٽس ۾ سويلين جي ٽرائل کي غيرقانوني قرار ڏيندي ملٽري ڪورٽس کي به غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو لاهور هاءِ ڪورٽ بار ۽ لاهور بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن سان پريس ڪانفرنس ۾ سينئر قانوندان ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ حامد خان چيو ته ملٽري ڪورٽس غير قانوني ۽ غير آئيني آهن. انهي ڪورٽس جي پرزور مذمت ڪريون ٿا. نگران حڪومت کي ڪوبه حق نه آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري حامد خان چيو ته سپريم ڪورٽ جو ملٽري ڪورٽس خلاف ڏنل پهريون فيصل بالڪل صحيح هو. ان موقعي تي لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي صدر اشتياق اي خان چيو ته مخصوص ذهن جا جج ويهاري مرضي جا فيصلا ورتا وڃن ٿا. 6 سينئر جج فوجداري عدالتن کي غلط چئي چڪا آهن ته هاڻ جونيئر جج انهي جي خلاف وڃي رهيا آهن. لاهور بار جي صدر رانا انتظار چيو ته عدليه اڳ ئي ناڪام ٿي چڪي آهي هاڻ ته حدون پار ڪيون پيون وڃن.