بدين ۾ تعليم کاتي جي سنگين انتظامي لاپرواهي: درسي ڪتاب وڪرو ٿيڻ لاءِ ڪٻاڙي وٽ پهچي ويا

بدين جي شهر گولاڙچي تعلقي ۾ تعليم کاتي جي سنگين انتظامي لاپرواهي سامهون اچي وئي آهي. تعليم کاتي پاران ڏنل درسي ڪتاب وڪرو ٿيڻ لاءِ رڪشي ۾ ڪٻاڙي جي دوڪان تي پھچي ويا، رپورٽ موجب ڪراچي روڊ تي ڪٻاڙي جي دوڪان تي بيٺل رڪشا جي جانچ ڪرڻ تي ڪٽن ۾ ڀريل سوين درسي نوان ڪتاب جن ۾پرائمري کان ڏھين ڪلاس جا نوان ڪتاب نظر آيا ڪٻاڙي جي دوڪان تي ڪتاب پهچڻ کان پوءِ فوري طور تي ٽي او گولاڙچي نياز ميمڻ کي اطلاع ڪيو ويو جنھن پھچي درسي ڪتاب پنھجي تحويل ۾ ورتا ۽ ٽي او آفيس گولاڙچي کڻائي ويو، ڪٻاڙي جي دوڪان مالڪ ميگھو مل صحافين کي ٻڌايو تہ مون کي درسي ڪتابن بابت خبر ناهي باقي چنگچي رڪشا ۾ ھڪ ھمراھ آيو ھو جنھن مون کي چيو تہ مون وٽ رسالا ۽ گتا آھن اهي وڪرو ڪرڻا آهن جڏهن چنگچي رڪشا تي رکيل ڪٽا کوليا ته ان ۾ درسي نوان ڪتاب پيل هئا جيڪي مون خريد نہ ڪيا ايتري ۾ توھان اچي ويا. جنهن کان پوءِ چنگچي رڪشا وارو ڪتاب ڇڏي ڀڄي ويو ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ٽي او گولاڙچي نياز ميمڻ ٻڌايو ته اسان استادن کي ڪتاب شاگردن کي ڏيڻ لاءِ ڏنا هئا، هي ڪتاب ڪٿان کان آيا آهن انھي لاءِ انڪوائري ڪرائي ويندي، ياد رهي ته ڪجھ ڏينھن اڳ ۾ به سون جي تعداد ۾ درسي ڪتاب سم نالي ۾ اڇلايا ويا هئا جنهن جي جانچ به اڃان تائين هلندڙ آهي