بار ڪائونسل جو اليڪشن ڪميشن تي خدشن جو اظهار، سپريم ڪورٽ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

پاڪستان بار ڪائونسل، سپريم ڪورٽ بار ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تي خدشن جو اظهار ڪندي تڪ بندين تي اعتراض واري ڇڏيا آهن پاڪستان بار ڪائونسل طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چونڊ طريقيڪار، تڪ بندين ۽ سيٽن جي ورهاست تي خدشن جو اظهار ڪندي سوال اٿاريا ويا آهن ۽ سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي پڌرائي ۾ پاڪستان بار ڪائونسل چيو آهي ته تاثر وڌي رهيو آهي ته موجوده اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون نٿو ڪرائي سگهي. اليڪشن ڪميشن جو طرز عمل چونڊن جي سالميت تي سنگين شڪن ۽ وسوسن کي جنم ڏئي رهيو آهي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اليڪشن ڪميشن جي هر عمل جي توثيق جي بجاءِ تضادن کي ڏسي ۽ ان جو نوٽيس وٺي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سمورين سياسي پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ ڏيڻ جو مطالبو ڪندي موجوده صورتحال تي آل پاڪستان نمائنده ڪنوينشن به گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته عام چونڊون آزاد ۽ شفاف ٿيڻ گهرجن.