آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي کي آڊيو ٽيپ جي اجازت نه آهي: آڊيو ليڪس تي وزيراعظم آفيس جي رپورٽ عدالت ۾ پيش

آڊيو ليڪس ڪيس ۾ وزيراعظم آفيس جي رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ستار بابر ريمارڪس ڏنا آهن ته جيڪو به حڪومتي نمائندو اچي ٿو اهو چوي ٿو ته آڊيو ٽيپ جي اجازت نه آهي. سوال اهو آهي ته پوءِ اهو ڪير ۽ ڇو ڪري رهيو آهي؟ وفاقي حڪومت فيصلو ڪري ته تماشو لڳائيندي يا جواب ڏيندي حڪومت عدالت کي نه ٻڌايو ته پوءِ قومي ۽ عالمي مددگار مقرر ڪنداسين اٽارني جنرل منصور عثمان عدالت کي آگاهه ڪيو ته وزيراعظم آفيس جو موقف آهي ته آءِ ايس آءِ، ايف آءِ اي ۽ آءِ بي سميت ڪنهن به اداري کي آڊيو ٽيپ جي اجازت نه آهي جيڪڏهن ڪابه حڪومتي ايجنسي اها آڊيو رڪارڊنگ ڪري رهي آهي ته اهو سڀ ڪجهه غيرقانوني طريقي سان ڪري رهي آهي اٽارني جنرل چيو ته آءِ ايس آءِ جي رپورٽ موجب سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تان رپورٽ وٺڻي پوندي تڏهن ئي جاچ اڳيان وڌي سگهي ٿي. جسٽس بابر ستار چيو ته آءِ ايس آءِ چئي رهي آهي ته آڊيو ڪٿان کان ليڪ ٿي ان جي سورس جي خبر نٿي لڳائي سگهجي.؟ اٽارني جنرل صاحب چيڪ ڪريو ڪا اهڙي خبر هئي جنهن ۾ آءِ بي کي رڪارڊنگ جي اٿارٽي ڏني وئي هجي اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ جواب ڏنو ته اهي چيڪ ڪري ٻڌائيندا جنهن تي جسٽس بابر ستار چيو ته جيڪڏهن حڪومت نه ٻڌايو ته پوءِ اسان نيشنل ۽ انٽرنيشنل عدالتي مددگار مقرر ڪنداسين. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي، پي ٽي اي ۽ ٻين کي ٻيهر جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.