مراد سعيد، حماد اظهر، فرخ حبيب ۽ علي امين گنڊاپور سميت 51 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي جي ڪيسن ۾ مراد سعيد، حماد اظهر، فرخ حبيب ۽ علي امين گنڊاپور سميت پي ٽي آءِ جي 51 اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن عدالت 9 مئي تي گوجرانوالا ڪينٽ تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه جي ڪيسن ۾ پوليس جي استدعا تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن. پوليس چيو آهي ته جوابدار مختلف ڪيسن ۾ نامزد آهن ۽ گرفتاري کان بچڻ جي لاءِ روپوش آهن عدالت وڌيڪ ڪارروائي جي لاءِ 23 ڊسمبر تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.