اسلام آباد،سپريم ڪورٽ توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪيس ۾ عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد، سپريم ڪورٽ توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪيس ۾ عمران خان ۽ ٻين تحريڪ انصاف اڳواڻن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪيس ۾ اداري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن مختلف هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسز کي ڪنهن به هڪ هاءِ ڪورٽ ۾ منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. اليڪشن ڪميشن جو موقف آهي ته مڪاني ۽ عام چونڊن جي تياري ڪريون يا ڪيسز کي منهن ڏيون عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪيسز کي ضم ڪرڻ لاءِ اهم اڳڀرائي به ڪري ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ عدالت اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 15 ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏي

پنھنجي راءِ لکو