80

نيويارڪ، ٽوئٽر ۽ فيس بڪ کان پوءِ ايمازون به 10 هزار ملازمن کي ڪڍڻ جو فيصلو ڪري ورتو

نيويارڪ، ٽوئٽر، فيس بڪ کان پوءِ ايمازون به پنهنجن ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي نيويارڪ ٽائمز جي هڪ رپورٽ موجب ايمازون هن هفتي کان ڪارپوريٽ ۽ ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽس مان 10 هزار ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي
اهي ڪٽوتيون ڪمپني جي تاريخ ۾ سڀني کان وڏيون هونديون، بنيادي طور تي ايمازون جي ڊيوائسز آرگنائيزيشن، ريٽيل ڊويزن ۽ انساني وسيلن کي متاثر ڪندي. ياد رهي ته سموري دنيا ۾ ايمازون ملازمن جو انگ 15 لک کان وڌيڪ آهي، اهو اعلان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن دنيا ۾ ڪرسمس جون تياريون عروج تي آهن ۽ ڪرسمس کان اڳ جو وقت ايمازون جي لاءِ انتهائي منافعي بخش هوندو آهي ايمازون ڪمپني طرفان ملازمن کي ڪڍڻ جي حوالي سان اڃان تائين ڪوبه تصديقي بيان سامهون ناهي اچي سگهيو. ماهرين جو چوڻ آهي ته ڪرسمس کان اڳ ايتري وڏي انگ ۾ نوڪرين جي خاتمي سان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته معيشت جي سست رفتاري سبب ڪامياب ڪاروباري اداري تي به دٻاءُ آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو