لاهور،( پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته پي سي بي کي هاڻ شاهين شاهه آفريدي کي احتياط سان کيڏائڻو پوندو نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي شاهد آفريدي چيو ته شاهين هاڻ آرام تي آهي ڇو ته شاهين جي گوڏي ۾ انجري کان پوءِ هڪ دفعو بيهر ساڳئي جڳهه تي زور آيو آهي هن چيو ته منهنجو خيال آهي ته هاڻ شاهين کي پورا 2 کان 3 مهينا ريڪوري جي لاءِ وٺڻ گهرجن هن کي فيلڊنگ ۾ به خيال ڪرڻ گهرجي. کيس هاڻ اهڙي پوزيشن ۾ ڊائيو نه هڻڻ گهرجي جنهن کان پوءِ کيس هڪ دفعو ٻيهر ري هيپ تي وڃڻو پوي
شاهد آفريدي چيو ته شاهين کي هاڻ احتياط سان هلڻو پوندو ۽ پي سي بي سي کي به شاهين کي احتياط سان هلائڻو پوندو
