حالتون ڪڏهن به بهتر ناهن هونديون، جيڪڏهن چونڊون ملتوي ٿيون ته دهشتگرد ڪامياب ٿي ويندا: مراد شاهه

اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته حالتون ڪڏهن به بهتر ناهن هونديون، دهشتگردي جو مسئلو ملڪ ۾ آهي، پ پ دهشتگردن جي نشاني تي رهي آهي، جيڪڏهن چونڊون ملتوي ٿيون ته دهشتگرد ڪامياب ٿي ويندا سيوهڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بلاول ڀٽو لاهور، لاڙڪاڻي ۽ قمبر واري تڪ تان چونڊ وڙهي رهيو آهي، پ پ مخالف پنج سال گم ٿي ويندا آهن ۽ چونڊن ۾ ظاهر ٿيندا آهن سندس چوڻ هو ته اٺ فيبروري تي پ پ ڪامياب ٿيندي، بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم بڻجندو، جڏهن ته ڪراچي سنڌين جي آهي، جيڪو سنڌي ٿي نه ٿو رهي ان لاءِ ڪا جاءِ ناهي هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو وزيراعظم بڻجي پنهنجي ناني ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي مشن کي پورو ڪندو.