چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جبري گمشدگين ۽ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي لائيو ٻڌڻي جاري آهي. بينچ ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت بلالي شامل آهن. اعتزاز احسن سميت ڪيترن ئي ماڻهن طرفان جبري گمشدگين خلاف دخواستون داخل ڪيون ويون آهن ٻڌڻي جي شروعات تي گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي درخواستگذار خوشدل خان ملڪ روسٽرم تي اچي ويو. هن استدعا ڪئي ته عدالت حڪومت کي جبري گم ٿيل ماڻهن بابت قانونسازي جو حڪم ڏئي. جسٽس مظهر ريمارڪس ڏنا ته جبري گمشدگي بابت ڪميشن ته ٺهيل آهي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙو ڪميشن ٺهيو آهي؟ جنهن تي خوشدل خان ملڪ چيو ته جسٽس(ر) جاويد اقبال جي سربراهي ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن ٺاهيو ويو پر انهي اڃان تائين ڪجهه به ناهي ڪيو. عدالت حڪومت کي نوٽيس ڪري پڇي ته 50 سالن کان گم ٿيل ماڻهن جي باري ۾ قانونسازي ڇو ناهي ڪئي وئي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته عدالت ڪيئن پارليامينٽ کي حڪم ڏئي سگهي ٿي ته فلاڻي قانونسازي ڪريو؟ آئين جي ڪهڙي شق عدالت کي اجازت ڏئي ٿي ته پارليامينٽ کي قانونسازي جو حڪم ڏئي؟ هر اداري کي پنهنجي حدن ۾ رهڻ گهرجي چيف جسٽس وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته اسان پارليامينٽ کي اهو حڪم نٿا ڪري سگهون ته قانونسازي ڪريو. سڀاڻي اوهان ئي اسان تي تنقيد ڪندو ته پارليامينٽ کي حڪم ڏنو. جسٽس مظهر ريمارڪس ڏنا ته عدالت قانونسازي جو اختيار نٿي رکي صرف قانون ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿي چيف جسٽس وڪيل کي چيو ته هڪ ٻيو ضروري ڪيس آهي ڇو نه هن ڪيس کي سڀاڻي ٻيهر ٻڌو وڃي، سڀاڻي ساڍي 11 وڳي هن کي ٻيهر ٻڌي وٺنداسين هي تمام گهڻو ضروري ۽ اهم ڪيس آهي، هن مسئلي کي سياسي نه بنايو، گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو سنجيده آهي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سڀ ذميواري قبول ڪريو ته پاڪستان کي اندروني طور تي مضبوط ڪرڻو آهي جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪندي اٽارني جنرل منصور عثمان کي به ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو.