سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته سنڌ پوليس جو مقصد رڳو حليم عادل شيخ کي جيل ۾ رکڻ آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت چيو ته حليم عادل شيخ پاڪستاني شهري آهي ۽ ان جا به بنيادي حق آهن، سنڌ پوليس قانون تي ايئن عمل نه ڪري رهي آهي جيئن ٿيڻ گهرجي جسٽس عمر سيال چيو ته جنهن انداز ۾ حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪيو ويو اهو غير معمولي آهي، حليم عادل شيخ جي ضمانت ٿي ته سنڌ پوليس کيس ٻيهر گرفتار ڪري ٿي. سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته سنڌ پوليس جو حليم عادل کي هڪ سال کان وڌيڪ جيل جي سلاخن پٺيان رکڻ درست ناهي، سنڌ پوليس کي ياد رکڻ گهرجي ته هڪ عام ماڻهو فوجداري انصاف واري نظام تي يقين رکي ٿو، اهڙي رويي جو. سنڌ پوليس عام ماڻهو جو اعتماد مجروح ڪري رهي آهي جسٽس عمر سيال چيو ته آءِ جي سنڌ پوليس تي قانون تي عملدرآمد يقيني بڻائي، پوليس کي خودمختيار ادارو بڻايو وڃي ته جيئن عوام جو اعتماد بحال ٿي سگهي، حليم عادل شيخ کي سمورن درج ٿيل ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. جنهن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ حليم عادل شيخ جي پٽ جي درخواست اڪلائي ڇڏي.