پي ٽي آءِ ليول پليئنگ فيلڊ ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب ۽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي نوٽيس جاري ڪندي لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي ٻڌڻي جي شروعات ٿي ته پي ٽي آءِ جي وڪيل لطيف کوسه دليلن ۾ چيو ته پنجاب ۾ پي ٽي آءِ کي ليول پليئنگ فيلڊ نه پئي ڏني وڃي. ڪوبه ادارو خاموش تماشائي بڻجي پنهنجي آئيني ذميوارين کان پوئتي نٿو هٽي سگهي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته اوهان صرف پنهنجي ڪيس تي فوڪس ڪريو. اهو ٻڌايو اوهان ڪڏهن اليڪشن ڪميشن ۾ شڪايت جمع ڪرائي، لطيف کوسي جواب ڏنو ته پنجاب جي صوبائي اليڪشن ڪمشنر 24 ڊسمبر تي چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ آءِ جي پنجاب کي خط لکيو ان لاءِ اسان کي اليڪشن ڪميشن ۾ شڪايت جمع ڪرائڻ جي ضرورت نه هئي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته اوهان 2013 جي چونڊن ۾ به الزام لڳايا. عدالت جو تڏهن به وقت ضايع ڪيو ڪي به پڪا الزام نه نڪتا، موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر کي به اوهان مقرر ڪيو اسان نه ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هي ڪيس هاءِ ڪورٽ جو هو کوسه صاحب اسان اوهان کي وڌيڪ وقت ڏنو اهو نه چئو ته دنيا اوهان جي خلاف ٿي وئي آهي. مثبت سوچ اختيار ڪريو ائين نه چئو ته بدترين چونڊون ٿي رهيون آهن هاڻ ته اوهان خوش آهيو، اسان صرف سوال پڇندا آهيون ناراض نه ٿيندا ڪريو چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان ڪيئن چئي ڇڏيون ته فلاڻي سياسي پارٽي جي اميدوار جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪريو، فلاڻي جا رد ڪريو. عدالتون چونڊن جي لاءِ هر سياسي پارٽي جي پٺيان بيٺل آهن. نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ تي جنهن کي اعتراض آهي اهو چونڊ ٽربيونلز سان رابطو ڪري. ڳالهه ختم سپريم ڪورٽ ۾ اڄوڪي ٻڌڻي جو حڪمنامو جاري ڪيو ويو جنهن موجب 24 ڊسمبر 2023 تي صوبائي اليڪشن ڪمشنر پنجاب جي خط جو حوالو ڏنو ويو جنهن ۾ چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب کي هدايتون ڏنيون ويون حڪم نامي موجب اليڪشن ڪميشن جامع رپورٽ 26 ڊسمبر تي سپريم ڪورٽ ۾ 160 صفحن جي رپورٽ پيش ڪئي. اسان پڇيو ته درخواستگذار صوبائي چيف اليڪشن ڪمشنر جي خط جو حوالو ڏنو جنهن تي ٻڌايو ويو ته صوبائي اليڪشن ڪمشنر هدايتن تي عمل نه ڪري رهيو آهي جسٽس محمد علي مظهر پڇيو ته نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ جي خلاف اپيل جو آخري ڏينهن ڪڏهن آهي؟ جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي نمائندي ٻڌايو ته اڄ اپيل جو آخري ڏينهن آهي. 10 جنوري تائين ٽربيونلز فيصلو ڪندا چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي وڪيل لطيف کوسه کي چيو ته اوهان وٽ اپيل جو فورم موجود آهي ان کي استعمال ڪريو جيڪڏهن اپيل جي فورم مان رليف نه مليو ته سپريم ڪورٽ اچي وڃو لطيف کوسه چيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڪڏهن به ملڪ جي تاريخ ۾ نه ٿيو آهي ملڪ ۾ بدترين صورتحال تي ڪير به اکيون ڪيئن بند ڪري سگهي ٿو سپريم ڪورٽ آءِ جي چيف سيڪريٽري ۽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 8 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ چيو ته اليڪشن ڪميشن پنجاب جي خط جي جواب ۾ هدايتون جاري ڪيون هيون. ٻڌايو وڃي ته اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي عمل ٿيو يا نه؟
