لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان واپس وٺڻ خلاف داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف کان بيٽ جو نشان واپس وٺڻ خلاف داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي پي ٽي آءِ جي شيخوپوره جي صدر عمر ڊهلون تحريڪ انصاف کان بيٽ جو نشان واپس وٺڻ جي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جواد حسن پي ٽي آءِ اڳواڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن کي عدالت ٻڌڻ نه جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت عمر ڊهلون جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ان کي رد ڪري ڇڏيو ياد رهي ته گذريل ڏينهن پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن ۽ چونڊ نشان ڪيس تي پنهنجو حڪم امتناع واپس وٺندي اليڪشن ڪميشن جو 22 ڊسمبر جو فيصلو بحال ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان واپس ڦرجي ويو هو. جنهن کان پوءِ بيرسٽر گوهر اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي.