راولپنڊي،آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاران پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جو الوداعي دورو

راولپنڊي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جو الوداعي دورو ڪيو آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جو الوداعي دورو ڪيو جتي ڪور ڪمانڊر راولپنڊي ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا پاڪ فوج جي سربراهه جو استقبال ڪيو آرمي چيف بلوچ رجمنٽل سينٽر ايبٽ آباد به ويو، جتي چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس پاڪ فوج جي سربراهه جي آجيان ڪئي. آرمي چيف شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ جانيون قربان ڪندڙن کي سلام پيش ڪيو ۽ پاڪ فوج جي عظيم قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف اڪيڊمي ۾ تربيت هيٺ ڪيڊٽس ۽ آفيسرن سان پڻ ملاقات ڪئي، ۽ پاڪ فوج جي اعليٰ تربيتي اداري جي معيار ۽ مستقبل جي اڳواڻن کي تيار ڪرڻ جي بهترين ڪوششن جي پڻ تعريف ڪئي.

پنھنجي راءِ لکو