لاڙ هال بدين ۾ شهيد قائد عوام ذوالفقار ڀٽو جي 96 هين سالگرهه ملهائڻ واري تقريب منعقد

پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني چيئرمين، شهيد قائد عوام ذوالفقار ڀٽو جي 96 هين سالگرهه ملهائڻ واري تقريب لاڙ هال بدين ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي ضلعي قيادت پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن جيالن عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ضلعي صدر حاجي رمضان چانڊيو، جنرل سيڪريٽري حاجي سائين بخش جمالي، ضلعي چيئرمين علي اصغر ھاليپوٽو، محمد اسماعيل راهو، پير نور الله قريشي، محمد صالح ھاليپوٽو، پير محمد صالح قريشي، حاجي تاج محمد ملاح، سردار حاجي رسول بخش چانڊيو، محمد اسلم راهو، سردار غلام رسول سومرو، رئيس عبدالغفور نظاماڻي، فرحان علي عالماڻي، پيپلزپارٽي ليديز ونگ جي ميڊم ساجدہ ٽالپر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو دنيا جو مڃيل ليڊر هو جنهن پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ جدوجهد ڪندي شهادت ماڻي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي جنهن طريقي سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، اها تاريخ ڪنهن کي به معاف نه ڪندي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان پوري دنيا محبت ڪري ٿي، اڄ به عوام جي دلين ۾ صرف شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ئي راڄ ڪري ٿو هنن چيو ته هن وقت ٿيندڙ اليڪشن 2024ع ۾ شهيدن جي نقشي قدم تي هلندڙ پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ئي ڪامياب ٿي پاڪستان جو وزيراعظم ٿيندو تقريب جي آخر ۾ پيپلزپارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 96 هين سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.