اسلام آباد، ارشد شريف جي پوسٽ مارٽم رپورٽ نه ڏيڻ خلاف مرحوم جي والده جي درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا آهن ته ارشد شريف قتل ڪيس جو ٽرائل پاڪستان ۾ به ٿي سگهي ٿو رپورٽ موجب مرحوم ارشد شريف جي والده طرفان پوسٽ مارٽم رپورٽ نه ڏيڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ان موقعي تي ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ارشد شريف جي والده کي ڏني وئي آهي درخواست جي ٻڌڻي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق ڪئي جڏهن ته ارشد شريف جي والده طرفان وڪيل بيرسٽر شعيب رزاق عدالت جي سامهون پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته آچر جي ڏينهن ارشد شريف جي والده کي پوسٽ مارٽم رپورٽ ڏني وئي آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪيس بابت هتي ڇا ٿي رهيو آهي وڪيل بيرسٽر شعيب رزاق جواب ڏنو هتي ڪجهه به ناهي ٿي رهيو وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان جي هڪ درخواست جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ لاءِ به ٻڌڻي هيٺ پاڪستان ۾ به ايف آءِ آر داخل ٿي سگهي ٿي.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته هونئن ته ٽرائل به پاڪستان ۾ ٿي سگهي ٿو. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته عمران فاروق قتل ڪيس جو ٽرائل به پاڪستان ۾ ٿيو. جنهن کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رپورٽ نه ڏيڻ بابت درخواست اُڪلائي ڇڏي
