لاهور ،اورنج ٽرين ٽرمينل ويجهو ڊرون جهاز ڪري تباهه

لاهور، لاهور اورنج ٽرين ٽرمينل ويجهو ڊرون جهاز ڪري تباهه ٿي ويو تباهه ٿيندڙ ننڍي ڊرون ۾ ڪيمرا به لڳل هو پوليس اختيارين موجب لاهور جي اورنج ٽرين ٽرمينل ويجهو هڪ ڊرون جهاز ڪري تباهه ٿي ويو آهي جنهن ۾ هڪ ڪيمرا به لڳل هو. پوليس اختيارين اهو به ٻڌايو ته ڊرون جهاز اڏام ڪندي جيئن ئي ڻهوکر نياز بيگ اورنج ٽرين ٽرمينل ويجهو پهتو ته جيمر سبب ٽرمينل جي ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو اختيارين موجب تباهه ٿيندڙ ننڍي ڊرون ۾ ڪيمرا به لڳل هو واقعي جي اطلاع ملندي ئي بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو آهي ۽ چيڪنگ به ڪئي وئي پر ڊرون ۾ ڪوبه بارودي مواد ناهي ملي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڊرون جهاز کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي آهي

پنھنجي راءِ لکو