اسلام آباد،عمران خان خلاف في الحال ڪارروائي جي ڪابه ضرورت نه آهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد، جمعيت علماءِ اسلام(ف) ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان خلاف في الحال ڪارروائي جي ڪابه ضرورت نه آهي جي يو آءِ پاڪستان ميڊيا سيل تان جاري ڪيل بيان موجب مولانا فضل الرحمان چيو ته جيئن آمريڪا جو مستقبل نه رهيو آهي ائين ئي هاڻ عمران خان جو به ڪو سياسي مستقبل نه آهي آمريڪي سازش جي بيان ۽ سائفر تان پوئتي هٽڻ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي هن چيو ته عمران خان جي لانگ مارچ پٺيان پرڏيهي فنڊنگ آهي، ان سازش تان پردو هٽائڻ ملڪي مفاد جي گهرج آهي. اسان پنهنجي طور تي جاچ ڪئي آهي جنهن ۾ خبر پئي آهي ته هڪ ملڪ لانگ مارچ تي فنڊنگ ڪري رهيو آهي مولانا فضل الرحمان چيو ته سعودي شهزادي محمد بن سلمان جو پاڪستان جو دورو ملتوي ڪرڻ لاءِ لانگ مارچ جو ڊرامو ڪيو ويو آهي ڇو ته جيستائين سعودي شهزادي جي پاڪستان جي دوري جي تاريخ طئي نه ٿي هئي تيستائين عمران خان به لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان نه ڪري رهيو هو پي ڊي ايم سربراهه چيو ته عمران خان کي جيئن ئي خبر پئي ته شهزادو محمد بن سلمان جو دورو نومبر ۾ ٿيندو ته هن نومبر ۾ مارچ شروع ڪيو. جڏهن شهزادي محمد بن سلمان پاران پاڪستان جي دوري لاءِ 21 نومبر جو اعلان ڪيو ويو ته عمران خان 21 نومبر تي اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو هن چيو ته شهزادي محمد بن سلمان پاران ڌرڻي جي اعلان کان پوءِ پاڪستان جو دورو ملتوي ڪيو. هڪ ملڪ نٿو چاهي ته شهزادو محمد بن سلمان پاڪستان جو دورو ڪري ان لاءِ لانگ مارچ کي فنڊنگ ڪري رهيو آهي. شهزادو محمد بن سلمان پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا جي ٻن ٽن ملڪن جي لاءِ وڏي سرمائيڪاري لاءِ اچي رهيو هو پي ڊي ايم سربراهه چيو ته عمران خان 2014 ۾ به چيني صدر جي دوري کي ملتوي ڪرڻ لاءِ ڌرڻو هنيو هو. عمران خان هر اهو قدم کنيو آهي جيڪو پاڪستان جي رياست جي مفادن خلاف آهي. عمران خان جو لانگ مارچ هاڻ فرلانگ مارچ بڻجي چڪو آهي، عمران خان آرمي چيف جي مقرري کي به تڪراري بنائي ڇڏيو آهي

پنھنجي راءِ لکو