سپريم ڪورٽ تاحيات نااهلي ختم ڪري ڇڏي، ڪيترن ئي سياستدانن کي رليف ملي ويو

سپريم ڪورٽ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي تاحيات نااهلي ختم ڪري ڇڏي آهي رپورٽ موجب چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني بينچ تاحيات نااهلي جي مدي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي هئي. جنهن کان پوءِ 5 جنوري تي دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فيصلو محفوط ڪيو هو اڄ سپريم ڪورٽ محفوظ ڪيل فيصلو اوپن ڪورٽ ۾ ٻڌائيندي آرٽيڪل 62 ون ايف جي تحت تاحيات نااهلي جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ قرار ڏنو ته سياستدانن جي نااهلي تاحيات نه هوندي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته چونڊ ايڪٽ جي تحت نااهلي جو مدو 5 سالن تائين آهي. نااهلي جي مدي واري قانون جي جانچ ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. 62 ون ايف جي تشريح عدالتي ڊيڪلريشن ذريعي آئين کي ريڊ ان ڪرڻ آهي. ڊڪلريشن ڏيڻ جي حوالي سان قانون جو ڪوبه پراسيس موجود نه آهي اهو فيصلو 6-1 جي اڪثريت سان ٻڌايو ويو جنهن ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي فيصلي کان اختلاف ڪيو ۽ چيو ته 62 ون ايف جي تحت نااهلي تاحيات به نه آهي. نااهلي عدالتي فيصلو موجود هجڻ تائين آهي. سميع الله بلوچ جو فيصلو صحيح هو. جڏهن ته چيف جسٽس انهي فيصلي کي ويب سائيٽ تي جاري ڪرڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي ياد رهي ته عدالت جي انهي فيصلي سان نوازشريف، جهانگير ترين سميت ڪيترن ئي سياستدانن کي رليف ملندو.