اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان آزاد حيثيت سان چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي راولپنڊي جي علائقي ٽيڪسلا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽي جي پُڇ مان مان پڪڙي نه پر عوام جي ڪلهن تي سوار ٿي قومي اسيمبلي وڃڻ چاهيان ٿو وڌري نثار چيو ته مان هميشه اصولن جي سياست ڪئي، اقتدار هجي يا وزارت منهنجي لاءِ اهميت نٿا رکن. ڪنهن به سياسي پارٽي تي تنقيد ڪري ووٽ نه وٺندس. پر آزاد حيثيت سان چونڊن ۾ حصو وٺندس هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ(ن) منهنجي هٿن ۾ اڳيان وڌي ۽ منهنجو(ن) ليگ سان 35 سال تعلق رهيو. جڏهن ته پي ٽي آءِ باني عمران خان سان منهنجو 54 سالن جو تعلق آهي. اسان سٺا دوست آهيون. هن وقت پي ٽي آءِ باني مٿان مشڪل وقت گذري رهيو آهي ياد رهي ته گذريل سال ڊسمبر جي آخري هفتي کان اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چونڊ سرگرمين جي شروعات ڪئي هئي. چوڌري نثار پنهنجي اباڻي تڪ اين اي 53 تان چونڊ ميدان ۾ لهندو. هن پنهنجي چونڊ مهم جو پهريون جلسو 23 ڊسمبر تي ڪيو هو.