راولپنڊي،شيخ رشيد کي ڌمڪي واري فون تي نامعلوم شخص خلاف ڪيس داخل

راولپنڊي، اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد کي ڌمڪي واري فون تي نامعلوم فون ڪندڙ خلاف سول لائين ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ذريعن موجب ڪيس ٽيلي گراف ايڪٽ تحت ڌمڪيون ڏيڻ جي ڏوهه ۾ داخل ڪيو ويو. گذريل رات سي پي او راولپنڊي آفيس جي سرڪاري لينڊ لائن نمبر تي نامعلوم فون ڪندڙ ڌمڪي ڏني هئي. سينئر پوليس آفيسر موجب ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هاڻ جاچ ۾ مصروف آهيون راولپنڊي پوليس شيخ رشيد ۽ ان جي سڪريٽريٽ لال حويلي انتظاميه کي آگاهه ڪري سيڪيورٽي ۾ اضافو ڪندي ايليٽ ڪمانڊوز به مقرر ڪري ڇڏيا آهن ياد رهي ته شيخ رشيد کي ان کان اڳ به ڌمڪي واريون فونون اينديون رهنديون آهن شيخ رشيد جي مدعيت ۾ هڪ ٻيو ڪيس وارث خان ٿاڻي ۾ اڳ ئي داخل ڪيل آهي پر راولپنڊي پوليس ڪيترائي مهينا گذرڻ کان پوءِ به ان جو پتو ناهي لڳائي سگهي

پنھنجي راءِ لکو