پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي وڌيڪ تڪن تي اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان لياري جي صوبائي تڪ پي ايس 108 تان ملڪ فياض کي پارٽي طرفان ٽڪيٽ جاري ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پي ايس 88 تان سيد مزمل شاهه اميدوار هوندو ۽ اين اي 192 تان مير شبير بجاراڻي کي ٽڪيٽ ڏنو ويو آهي گهوٽڪي جي تڪ پي ايس 18 تان شهريار شر پارٽي اميدوار هوندو. سکر جي سيٽ اين اي 200 تان نعمان اسلام شيخ کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. جڏهن ته سينيٽر سليم مانڊوي والا کي ڪراچي جي تڪ اين اي 240 تان ٽڪيٽ ڏني وئي آهي هوڏانهن حيدرآباد جي صوبائي تڪ پي ايس 64 تان عاجز ڌامراهه کي پارٽي طرفان ٽڪيٽ جاري ڪيو ويو آهي.