اسلام آباد، پاڪستان تحريڪ انصاف جي لانگ ماچ خلاف داخل ڪيل درخواست سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ خلاف درخواست سينئر وڪيل ڪامران مرتضيٰ داخل ڪئي جنهن جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس ڪامران مرتضيٰ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي ٻڌڻي جي لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٺاهيو ويو آهي، بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس اطهر من الله شامل آهن ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حقيقي آزادي لانگ مارچ دوران ملڪ جي مختلف حصن مان آيل ماڻهن کي اڳوڻو وزيراعظم عمران خان خطاب ڪري رهيو آهي ۽ اهو مارچ دوران اهو اعلان ڪري رهيو آهي ته اسان جي منزل اسلام آباد آهي، جتي چونڊن جي تاريخ وٺي واپس وينداسين، ان دوران وزيرآباد ۾ ٿيندڙ حملي دوران عمران خان زخمي ٿي پيو
