ڄامشورو، نوري آباد ويجهو ٽرالر جو مزدا کي ٽڪر ڊرائيور سميت 3 ڄڻا فوت

ڄامشورو، نوري آباد ۾ ايم نائين موٽروي تي ٽرالر جو مزدا کي ٽڪر جي نتيجي ۾ ڊرائيور سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ،نوري آباد ڀرسان ايم نائين موٽروي تي ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ شهزور جو مزدا کي زوردار ٽڪر سبب 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا. اطلاع تي موٽر وي پوليس، ضلعي پوليس پهچي واقعي واري هنڌ تان فوتين جا لاش کڻي ٽراما سينٽر منتقل ڪيا فوت ٿيلن ۾ مزدا ڊرائيور جاڙو پنهور، مزدا ۾ سوار پورهيت شاهد پنهور ۽ مڪيش ٺاڪر شامل آهن، معلوم ٿيو آهي ته حادثي جو شڪار مزدا جا ماڻهو ڪراچي جي سبزي منڊي مان سامان وٺي حيدرآباد جي علائقي هوسڙي وڃي رهيا هئا ته ساڻن حادثو پيش آيو

پنھنجي راءِ لکو