پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن ۽ چونڊ نشان ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارشد علي 26 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدالت پاڻ کي ٻن سوالن تائين محدود رکيو. پهريون سوال اهو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ٻڌڻ جوڳو آهي؟ ٻيون سوال، ڇا اليڪشن ڪميشن وٽ انٽرا پارٽي چونڊن تي فيصلو ڏيڻ جو اختيار آهي عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته چونڊون خيبرپختونخواهه ۾ ٿيون ۽ اليڪشن ڪميشن صوبي ۾ به آهي اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 209 موجب اليڪشن ڪميشن وٽ اختيار نه آهن جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي روشني ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان گڏ پشاور هاءِ ڪورٽ وٽ به ڪيس ٻڌڻ جو اختيار آهي دالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سياسي پارٽي ٺاهڻ پاڪستان جي هر شهري جو بنيادي حق آهي، سياسي پارٽين کي سازگار ماحول ڏيڻ گهرجي جڏهن ته چونڊ نشان جي تحت چونڊ وڙهڻ جو حق به حاصل آهي دالت چيو ته چونڊ نشان جي آئيني حق کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. اليڪشن ڪميشن جو فيصلو غيرقانوني آهي. پي ٽي آءِ چونڊ نشان جي به حقدار آهي، پي ٽي آءِ جو سرٽيفڪيٽ ويب سائيٽ تي جاري ڪيو ويندو عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته تفصيلي فيصلو وڌيڪ سببن ۽ وضاحت سان گڏ بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.