اسلام آباد، اهم مقرري تي صلاح مشوري لاءِ آصف زرداري اسلام آباد پهچي ويو

اسلام آباد، پاڪستان پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري وفاقي راڄڌاني اسلام آباد پهچي ويو،جڏهن ته بلاول به ڪراچي کان روانو ٿي ويو آهي آصف علي زرداري اسلام آباد پهچي ويو آهي جتي هو نئين آرمي چيف جي مقرري لاءِ صلاح مشوري ۾ شامل ٿيندا. وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات دوران سياسي صورتحال ۽ آئنده جي حڪمت عملي تي صلاح مشورا ڪيا ويندا پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به خصوصي جهاز ذريعي ڪراچي کان اسلام آباد طرف روانو ٿي ويو آهي بلاول ڀٽو به اهم مشاورت جو حصو بڻجندو

پنھنجي راءِ لکو