تحريڪ انصاف ۽ پي ٽي آءِ نظرياتي وچ ۾ معاهدي جو انڪشاف

تحريڪ انصاف ۽ تحريڪ انصاف نظرياتي وچ ۾ معاهدي جا تفصيل سامهون اچي ويا ذريعن موجب تحريڪ انصاف ۽ تحريڪ انصاف نظرياتي وچ ۾ معاهدو 30 ڊسمبر تي ٿيو معاهدي موجب 7 سيٽن تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿيڻي هئي ۽ اختر اقبال ڊار کي سينيٽ جي سينيٽ ڏيڻي هئي معاهدي جي متن ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي سطح تي مخصوص سيٽ لاءِ هڪ اميدوار نظرياتي پارٽي کي ڏيڻو هو، نظرياتي پارٽي کي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ هڪ سيٽ ڏيڻي هئي معاهدي موجب تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي بيٽ جي نشان تي وڙهڻو هو ۽ ٻنهي جماعتن لاءِ پي ٽي آءِ باني جو فيصلو حتمي هوندونجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي سينيٽر علي ظفر معاهدي جي تصديق ڪندي چيو ته اهو اسلام آباد ۾ ٿيو، افسوس جو تحريڪ انصاف نظرياتي جا اڳواڻ معاهدي تان پوئتي هٽي ويا.