فواد چوڌري 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي

احتساب عدالت اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جو وڌيڪ 3 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو آهي اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي خلاف جهلم ۾ تعميراتي منصوبن ۾ ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن سلسلي ۾ نيب فواد چوڌري کي عدالت ۾ پيش ڪيوفواد چوڌري طرفان سندس وڪيل عامر عباس ۽ نيب جو پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران جج فيصل چوڌري کان سوال ڪيو ته اوهان کي جيڪڏهن ڪجهه ڳالهائڻو آهي ته ڳالهائي وٺو. فيصل چوڌري جواب ڏنو ته ڳالهيون ڪڏهن به ختم ناهن ٿينديون وڪيل صفائي دليل ڏيندي چيو ته فواد چوڌري کي نيب حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. 26 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ دوران اڃان تائين انڪوائري مڪمل نه ٿي سگهي آهي. فواد جي نالي ڪابه زمين ٽرانسفر نه ٿي آهي، ڪوبه ثبوت سامهون نه آيو آهي، فواد چوڌري سان ڪرڻو ڇا آهي؟ نيب کي 26 ڏينهن ۾ ڇا هٿ آيو ٻڌڻي دوران نيب فواد چوڌري جي 4 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪري ڇڏي جنهن تي جج محمد بشير فيصل چوڌري کي چيو ته اوهان جو ته جسماني ريمانڊ نه آهي نه؟ فيصل چوڌري چيو ته مون کي ته صرف نوٽيس مليو آهي جنهن کان پوءِ عدالت فواد چوڌري جي جسماني ريمانڊ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو ڪجهه دير کان پوءِ ٻڌائيندي نيب جي استدعا منظور ڪري ورتي. عدالت فواد چوڌري کي وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.