ڪنڌڪوٽ :غوثپور لڳ نامعلوم ھٿياربندن جي موٽرسائيڪل سوار تي فائرنگ نوجوان قتل

ڪنڌڪوٽ :غوثپور لڳ نامعلوم ھٿياربندن موٽرسائيڪل سوار تي فائرنگ نندواڻي برادري جو نوجوان قتل ھٿياربند فرار ٿي ويا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو واقعو پراڻو تڪرار ٻڌايو پيو وڃي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون

تفصيل موجب غوثپور لڳ غوثپور ٿاڻي جي حد انڊس ھاء وي تي ڳوٺ راجه خان بجاراڻي لاڙو واري علائقي ۾ نندواڻي برادري جي ھٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ چوپائي مال جي واپاري ء استاد 50 سالن جي محمد حسن عرف موچي نندواڻي کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪري ھٿيار بندن فرار ٿي ويا۔ ھٿيار بند جيڪي موٽر سائيڪل تي سوار ھيا غوثپور کان واپس ڳوٺ ويندڙ محمد حسن نندواڻي جو پيڇو ڪري کيس گوليون ھنيون ۔ واقعو نندواڻي برادري جي ٻن ڌرين يعقوب ۽ محمد حسن نندواڻي ۾ خوني تڪرار تان پيش آيو هي خوني تڪرار گذريل ويھن سالن کان ھلندڙ آهي ۔ زخمي نوجوان ڳوٺ نورالدین نندواڻي جو رھواسي آھي۔ زخمي نوجوان کي گولين لڳڻ کانپو۽ ڀر پاسي جي ھوٽل تي ويٺل ماڻهن کڻائي شھر جي نجي اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن کيس ڳڻتي جوڳي حالت ھجڻ سبب سکر اسپتال کڻي وڃي رھيا ھئا ته رستي ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو جنهن جو مڙھ کڻائي پوسٽ مارٽم لاء ڪنڌڪوٽ سول اسپتال آندو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو مقتول استاد محمد حسن جو لاش گهر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه وري گرفتاري عمل م اچي سگهي آهي
ياد رھي ته ويھ سال اڳ سبزل نندواڻي چوري جي معاملي تان قتل ٿيو ھيو جنھنجو الزام محمد حسن واري ڌر تي لڳايو ويو۔ اڄوڪو واقعو ان پلاند ۾ پيش آيو آھي ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن ڪنهن به وقت خونريزي وڌي سگهي ٿي

پنھنجي راءِ لکو