وڪيل لطيف کوسو ۽ شهباز کوسو، عمران خان جو ڪيس نه وڙهندا

پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان قومي احتساب بيورو (نيب) 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پنهنجا وڪيل تبديل ڪري ڇڏيا عمران خان 190 ملين پائونڊ ڪيس مان وڪيل لطيف کوسي ۽ شهباز کوسي کي ڌار ڪري ڇڏيو ڪيس ۾ پهريان لطيف کسو، شهباز کوسو، عثمان گل ۽ سلمان اڪرم راجا وڪيل هئا هاڻي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جا نوان وڪيل سلمان اڪرم راجا، علي ظفر ۽ عثمان گل هوندا 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ وڪيلن جي ڦيرڦار سبب عمران خان تي اڄ فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو.