ٽنڊوڄام، زراعت جي صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آھي تہ ملڪ ۾ آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ واري ڳالھ ۾ دَم ناھي رھيو، ھن سال عام چونڊون ٿيندي نظر نٿيون اچن. برسات متاثر آبادگارن کي ٻج جي مد ۾ روڪ رقم ڏني ويندي منظور وساڻ اهڙين ڳالهين جو اظهار ٽنڊوڄام ۾ زرعي توسيع کاتي پاران اسسٽنٽس فيلڊ آفيسرن سان منعقد گڏجاڻي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. ڳالهين دوران منظور وساڻ وڌيڪ چيو تہ عمران خان ڀلي وڏا وڏا جلسا ڪري پر عمران خان ھڪ ھفتي کانپوءِ ساڳيو عمران نہ رھندو، سندس ساٿي بيماري جو بھانو ڪري ڀڄي ويندا. ھن چيو تہ برسات سبب ملڪ ۾ سڀ کان گھڻو نقصان سنڌ جي آبادگارن جو ٿيو آھي. وفاق پاران وقت تي ٻج نہ ملي سگھيو، جنھن ڪري آبادگارن ۽ ھارين کي روڪ رقم ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. آبادگارن کي ٻج جي مد ۾ في ايڪڙ پنج ھزار رپيا ڏنا ويندا، جنھن لاء ھڪ ھفتي اندر سروي مڪمل ويندي ھن چيو تہ سروي بعد تقريب گھرائي آبادگارن ۽ ھارين کي روڪ رقم ڏني ويندي. گڏجاڻي تقريب ۾ زرعي تحقيق جو ڊائريڪٽر جنرل نور محمد بلوچ، زرعي توسيع جو ڊائريڪٽر جنرل ھدايت الله ڇڄڙو، زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري سميت ٻيا پڻ موجود ھئا
