مسلم ليگ(ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز نالو کڻڻ کان سواءِ بلاول ڀٽو زرداري کي جواب ڏيندي چيو آهي پنجاب ۾ ايندڙ ڪجهه پارٽيون اهڙيون آهن جنهن هڪ صوبي ۾ 15 سال حڪومت ڪئي پر انهن وٽ عوام کي ٻڌائڻ لاءِ 15 منصوبا به نه آهن پنهنجي چونڊ تڪ اين اي 119 سنگهه پوره لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مان نوازشريف جا 1500 منصوبا ٻڌائي سگهان ٿي پنجاب جي عوام کي نوازشريف تي تنقيد برداشت نه آهي، (ن) ليگ کان علاوه ٻيون سموريون پارٽيون اهڙيون آهن جنهن ڪجهه ناهي ڪيو. ٻيون پارٽيون ڏينهن رات تنقيد ڪنديون آهن ۽ الزام لڳائينديون آهن مريم نواز چيو ته هڪ ماڻهو پنجاب ۾ چئي رهيو آهي ته نوازشريف اڃان تائين منشور ناهي ڏنو. نوازشريف ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ منشور ڏيندو. مون کي احساس آهي ته مون کي ڏينهن رات اوهان جي خدمت ڪرڻي آهي. نوازشريف جو منشور اهو آهي ته مٿان کان اورنج لائن ٽرين گذري رهي آهي. نوازشريف جيڪو منشور ڏنو هو ان تي عمل به ڪيو. نوازشريف کي جتي عوام مينڊيٽ ڏنو اتي ڪم ڪرايو جتي مينڊيٽ نه مليو اتي به ڪم ڪرايا نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر وڌيڪ چيو ته مون کي احساس آهي ته مون کي ڏينهن رات اوهان جي خدمت ڪرڻي آهي. مان اها اميدوار نه آهيان جنهن کي ماڻهو پني تي لکي ڏيندا آهن ته هي اسان جا مسئلا آهن مان اها اميدوار آهيان جيڪا گهر مان ايندي آهيان ته مون کي خبر هوندي آهي ته منهنجي تڪ جا ڪهڙا مسئلا آهن. منهنجو وس هلي ته مان اين اي 119 جي گهر جو دروازو وڄائي عوام کان مسئلا پڇان. اسان کي هي ملڪ ڇڏي ناهي وڃڻو اين اي 119 سان منهنجو اڄ کان اڻٽٽ رشتو بڻجي ويو آهي.