90

ڪيليفورنيا،ٽوئٽر جي ملازمن ڪمپني ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو، آفيسون عارضي طور تي بند

ڪيليفورنيا، ٽوئيٽر جي سوين ملازمن پنهنجي ملازمت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ ٽوئٽر جي آفيسن کي عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي ايلون مسڪ پاران ٽوئٽر جي ملازمن کي آگاهه ڪرڻ مهانگو پئجي ويو. گذريل ڏينهن ايلون مسڪ ملازمن کي هڪ اي ميل ۾ لکيو هو ته هو جيڪڏهن هو ڪمپني جو وڌيڪ حصو بنجڻ چاهين ٿا ته انهن کي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي ۽ مثالي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي، ٻئي صورت ۾ اهي پنهنجي نوڪري ڇڏي سگهن ٿا ايلون مسڪ جي اهڙي ميل کان پوءِ ٽوئٽر جي ملازمن پاران استعيفائون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي ايستائين جو ايلون مسڪ جي سخت پاليسي تي ڪم ڪرڻ لاءِ ٽوئٽر ڪمپني ۾ موجود گهٽ ملازمن ها ڪئي آهي اهڙي صورتحال کان پوءِ ٽوئٽر جون آفيسون بند ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن جنهن کان پوءِ چيو پيو وڃي ته سمورن آفيسن جي معاملن کي 21 نومبر تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. ٽوئٽر جي نئين سي اي او ايلون مسڪ چيو آهي ته مان استعيفائن تي مايوس نه آهيان هن چيو ته اهو ڪمپني جي لاءِ ڏکيو ٽائيم آهي پر ان باوجود به ٽوئٽر جو استعمال تمام گهڻو وڌي ويو آهي. اهڙي صورتحال کان پوءِ سوشل ميڊيا خاص طور تي ٽوئٽر تي #GoodByeTwitter ٽرينڊ هلي رهيو آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو