اسلام آباد، تحريڪ انصاف کي جلسو ڪرڻو آهي ته انتظاميه وٽ نئين درخواست جمع ڪرائي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف کي جلسي جي اجازت لاءِ انتظاميه کي نئين درخواست ڏيڻ جي هدايت ڪندي ريمارڪس ڏنا آهن ته ان ڳالهه کي يقيني بنايو وڃي ته شهرين جا بنيادي حق متاثر نه ٿين تحريڪ انصاف طرفان اسلام آباد ۾ ڌرڻي ۽ جلسي جي لاءِ اجازت ۽ رستا بند هجڻ سبب واپارين جي لانگ مارچ ۽ ڌرڻي جي مخالفت ۾ درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪئي، ان موقعي تي ايس ايس پي آپريشن ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد به عدالت ۾ موجود هئا،عدالت گذريل ڏينهن جي ٻڌڻي ۾ ٻنهي درخواستن کي گڏ ڪري ڇڏيو هو ٻڌڻي جي شروعات تي تحريڪ انصاف جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پٽيشنر علي نواز اعواڻ شهر کان ٻاهر آهي اهو اڄ هتي موجود نه آهي جنهن تي ايڊيشنل اٽارني چيو ته ان جي درخواست 3 نومبر جي هئي جيڪا اڳ ئي غير موثر ٿي چڪي آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اوهان کي انتظاميه کي نئين درخواست ڏيڻي آهي. جيڪڏهن مسئلو حل نه ٿيو ته نئين پٽيشن به داخل ڪري سگهو ٿا. هاڻ ته اهو ڪاز آف ايڪشن ئي ختم ٿي چڪو آهي جنهن تي درخواست داخل ٿيڻي هئي
چيف جسٽس اسلام اباد هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي دوران چيو ته عدالت ڪوبه هنڌ تجويز نٿي ڪري سگهي اهو انتظاميه جو ڪم آهي ته اها ٻڌائي ته ڊي چوڪ ۾ اجازت ڏيڻي آهي يا ايف نائن پارڪ ۾. جلسي جي لاءِ قائدا، ضابطا ۽ شرط انتظاميه سان ئي طئي ٿيڻا آهن. سپريم ڪورٽ جو به ان حوالي سان آرڊر اچي چڪو آهي. عدالت تحريڪ انصاف کي جلسي جي تاريخ ۽ وقت کان آگاهي لاءِ انتظاميه کان اجازت وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو ته انٽيليجنس رپورٽن موجب عمران خان تي حملي جو خدشو آهي، حڪومت ۽ رياست جي ذميواري آهي ته هو ان ڳالهه تي غور ڪري. جسٽس عامر فاروق چيو ته احتجاج ڪرڻ سياسي ۽ غير سياسي پارٽين جو حق آهي پر عام شهرين ۽ درخواستگذارن ۽ واپارين جو به حق آهي جنهن کي متاثر نه ٿيڻ گهرجي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڌيڪ چيو ته انگلينڊ ۾ به مظاهرين ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ تي اچن ٿا ۽ احتجاج ڪن ٿا پر اتي روڊ بلاڪ نٿا ڪيا وڃن ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف جي وڪيل چيو ته نئين درخواست لاءِ پارٽي قيادت سان مشاورت ڪئي پئي وڃي، جنهن تي عدالت پي ٽي آءِ جي وڪيل جي درخواست تي ٻڌڻي 22 نومبر تائين ملتوي ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ انتظاميه کي نئين درخواست جمع ڪرائي ته جيڪڏهن جلسو ڪرڻ چاهي ٿي ته عوام جا حق متاثر نه ٿين

پنھنجي راءِ لکو