خيبرپختونخواهه جي عوام کي بيوقوف چوڻ تي اي اين پي نوازشريف کان معافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

خيبرپختونخواهه جي عوام کي بيوقوف چوڻ تي اي اين پي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کان معافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي اي اين پي جي ترجمان ثمر بلور چيو آهي ته مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ 3 ڀيرا پاڪستان جي وزيراعظم جي عهدي تي رهندڙ شخص کي اهو نٿو سونهي ته هو هڪ صوبي جي عوام کي بيوقوف چئي. اهي لفظ اهڙي وقت چيا ويا جڏهن سندس ئي ڌيءَ انهي صوبي ۾ چونڊ مهم هلائي رهي هئي، اهي ماڻهو ڪهڙي منهن سان هتي اچي ووٽ گهرندا ثمر بلور چيو ته ماضي ۾ انهي پارٽي اسان کي پنهنجا حق ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو جنهن کان پوءِ اسان جي تحريڪ جي اڳواڻ خان عبدالولي خان اتحاد مان نڪرڻ جو اعلان ڪيو. شايد اڄ نوازشريف ٻيهر اها تاريخ ورجائي رهيو آهي هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته پنجاب جو ڊوميسائيل رکندڙ هر شخص هن ملڪ ۾ معزز سمجهيو ويندو آهي پر پختونخواهه جي عوام جا نمائندا اڃان به موجود آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان اهڙي عمل جي نه صرف مذمت ڪريون ٿا پر اهو مطالبو به ڪريون ٿا ته نوازشريف پنهنجا لفظ واپس وٺي پوري قوم کان معافي گهري.