پاڪپتن ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ميان عطا محمد مانيڪا جو پٽ ۽ مسلم ليگ(ن) جو اڳوڻو ٽڪيٽ هولڊر ميان حيات مانيڪا پاڪستان تحريڪ انصاف( پي ٽي آءِ) ۾ شامل ٿي ويو آهي حيات مانيڪا، پي ٽي آءِ باني جي گهر واري بشريٰ بي بي جو ناٺي آهي ۽ 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ انهن جو مقابلو(ن) ليگ جي ٽڪيٽ هولڊر فاروق مانيڪا سان ٿيندو ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب جي صوبائي وزير عطا مانيڪا ۽ ان جي پٽ حيات مانيڪا مسلم ليگ(ن) سان پ پ 193 پاڪپتن لاءِ چونڊ ٽڪيٽ نه وٺي سگهيا هئاذريعن موجب(ن) ليگ پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 193 پاڪپتن تان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جو ناٺي ميان حيات مانيڪا ۽ ان جي والد عطا مانيڪا جي بجاءِ فاروق مانيڪا کي ٽڪيٽ ڏنو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حيات مانيڪا 2018 ۾ انهي تڪ تان(ن) ليگ جو اميدوار هوياد رهي ته فاروق مانيڪا راڻا ثناءُالله سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾(ن) ۾ شموليت جو اعلان ڪيو هو. فاروق مانيڪا(ن) ليگ جي اڳوڻي ايم اين اي رضا مانيڪا جو ڀاءُ آهي.