شهباز شريف کي چيلينج ڏيندڙ بلاول ڀٽو پهريان ڪراچي جا اسپتال ڏسي: ڪامران ٽيسوري

سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته شهباز شريف کي چيلينج ڏيندڙ بلاول ڀٽو پهريان بلاول عباسي شهيد، سول ۽ لياقت آباد اسپتال جي ايمرجنسي صورتحال کي ڏسي لياقت آباد جي سنڌ گورنمنٽ اسپتال جي دوري کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي گورنر چيو ته اسپتال جي ايمرجنسي جي حالت ڏٺي ته تمام گهڻو ڏک پهتو آهي. ڪامران خان ٽيسوري چيو ته ڪراچي شهر ۾ ڪوبه ماڻهو بکيو نه رهندوهن وڌيڪ چيو ته جنهن کي راشن جي ضرورت آهي اهو هيلپ لائين 1366 تي پنهنجي ايڊريس لکرائي، اسان ان کي راشن ڏينداسين. ياد رهي ته هڪ بيان ۾ شهباز شريف بلاول جو نالو کڻڻ کان سواءِ چيو هو ته ڪالهه هڪ صاحب نوازشريف کي مناظري جي دعوت ڏني آهي، اهو نوازشريف کي مناظري جي بجاءِ سنڌ جي معائني جي دعوت ڏئي ها ته سٺو هو. مناظرو به ٿي وڃي ها ۽ سٺي طريقي سان ڀيٽ به ٿي وڃي ها ياد رهي ته سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو به شهباز شريف جي مناظري جي حوالي سان مشروط راضپي تي رد عمل ڏنو. بلاول چيو ته مان مناظري ۽ معائني جي لاءِ تيار آهيان. ميان نوازشريف مون سان خيرپور گمبٽ ۾ مناظرو ڪري. جتي جي اسپتال پنجاب جي ڪنهن به اسپتال کان بهتر آهي ۽ هتي علاج فري ڪيو ويندو آهي