لاهور، لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت راڻا ثناءُالله جي هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي رپورٽ موجب وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله سميت ٻين جوابدارن خلاف منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٿي جنهن ۾ راڻا ثناءَالله جو وڪيل فرهاد علي شاهه ايڊووڪيٽ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته راڻا ثناءُالله دل جي بيماري ۾ مبتلا آهي جنهن سبب ڊاڪٽرن کيس مڪمل آرام جو مشورو ڏنو آهي. عدالت رانا ثناءُالله جي هڪ ڏينهن جي حاضري کان معافي جي درخواست منظور ڪري دهشتگردي جي انت واري عدالت راڻا ثناءُالله جي هڪ ڏينهن جي درخواست منظور ڪندي ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 26 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي
