ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهليان چيو آهي ته پاڪ ايران سرحد تي ٽيون ملڪ دهشتگردن جي مدد ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ ايران امن ۽ خوشحالي جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل احترام ۽ گڏيل چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ بنيادي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي ايراني پرڏيهي وزير حسين امير پاڪستاني هم منصب جليل عباس جيلاني سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪ، ايران ڳالهين جي دوران دهشتگردي خلاف قدمن تي ڳالهيون ٿيون. بارڊر تي موجود واپاري مرڪز کي فعال ڪرڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون هن چيو ته پاڪستان سان اهم ڀائراڻا ۽ مضبوط لاڳاپا آهن. پاڪستان سان جغرافيائي لاڳاپا به اهميت جوڳا آهن. پاڪستان جي سيڪيورٽي اسان لاءِ اهم آهي. ايران ۽ پاڪستان جي عوام کي هڪ ئي قوم سمجهون ٿا. ايران ۽ پاڪستان دهشتگردن کي ڪنهن به قسم جو موقعو نه ڏيندا. دهشتگردن ايران کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. بارڊر تي موجود دهشتگرد ٻنهي ملڪن جي سلامتي جي لاءِ خطرو آهن ان موقعي تي نگران پاڪستاني پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته ايراني هم منصب ۽ ان سان گڏ وفد کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چئون ٿا ايران سان پراڻا ثقافتي، مذهبي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن ايراني وفد سان تفصيلي گڏيل مفاد وارن مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ايران ۽ پاڪستان جا مضبوط لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي ترقي لاءِ اهم آهن. پاڪستان ايران سان لاڳاپا ۽ مختلف شعبن ۾ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف گڏيل ڪاررواين جي ضرورت آهي. دهشتگردن جي خلاف هڪ مضبوط لائحه عمل ضروري آهي. دهشتگردي جو مسئلو ٻنهي ملڪن جو گڏيل چيلينج آهي. سرحدي علائقن ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي. جليل عباس جيلاني وڌيڪ چيو ته بارڊر مارڪيٽن ۾ واپاري سرگرميون وقت جي ضرورت آهن. اعليٰ سطح جو لائحه عمل پاڪستان ۽ ايران جي مفاد ۾ آهي.