لاهور،تيار رهو،عمران خان اڄ عوام کي راولپنڊي پهچڻ جو سڏ ڏيندو، فواد چوڌري

لاهور، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان اڄ عوام کي راولپنڊي پهچڻ جو سڏ ڏيندو پاڪستان تحريڪ انصاف جو لاهور کان شروع ٿيندڙ مارچ گذريل ڏينهن جهلم پهتو هو ۽ گذريل ڏينهن چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق تحريڪ انصاف جي وڪيل کي چيو هو ته اسلام آباد ۾ جلسي ۽ ڌرڻي لاءِ ضلعي انتظاميه کي نئين درخواست ڏني وڃي ٻئي طرف راولپنڊي پوليس جي اعليٰ آفيسرن گذريل ڏينهن روات جو دورو ڪيو ۽ تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ کي بنا اجازت جي راولپنڊي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ وارن انتظامن جو جائزو ورتو هاڻ ان حوالي سان فواد چوڌري سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته حقيقي آزادي مارچ جو ٻيو مرحلو روايت جي هنڌ کان راولپنڊي شهر ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ پهچندو فواد چوڌري چيو ته شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر هن شاندار مهم جي نگراني ڪئي. اڄ ٻئي قافلا روات جي هنڌ تي پهچندا
تحريڪ انصاف اڳواڻ وڌيڪ چيو ته آخري مرحلو اچي ويو آهي، تيار رهو، عمران خان اڄ عوام کي راولپنڊي پهچڻ جو سڏ ڏيندو

پنھنجي راءِ لکو