اسلام آباد، سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کي دوکيباز قرار ڏيندي کيس سخت تنقيد جو نشانو بنايو آهي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جي خطاب سان يقين ٿي ويو آهي ته کيس ڪابه گولي ناهي لڳي، هن کي رڳو اقتدار وڃڻ جو ڏک پهتو آهي ۽ عمران خان جو لانگ مارچ ورڪ فرام هوم ۾ تبديل ٿي چڪو آهي توشه خانه واچ جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان جي واچ اسان کي وقت ٻڌائيندي آهي پر عمران خان جي واچ سندس اوقات ٻڌائي ڇڏي آهي.
مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته جڏهن حرم شريف جي عڪس واري واچ کي ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪيو ويو، پنهنجي حڪومت ۾ پنهنجي ضد، انا ۽ مرضي جي ايف آءِ آر داخل نه ٿي ته حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو
