سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان فيس بڪ، يو ٽيوب سميت ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تان فحش مواد هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪراچي ۾ فيملي وي لاگنگ جي نالي تي سوشل ميڊيا تي فحش مواد جي موجودگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت حسن بيگ جي درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو حڪم نامي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس فيس بڪ، ٽڪ ٽاڪ، يو ٽيوب، اسٽيپ چيٽ ۽ ٻئي ايپس تان غير اخلاقي مواد تي فوري ايڪشن وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت وفاقي حڪومت ۽ ٻين کي ڪارروائي ڪري 20 فيبروري تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو چيو آهي ٻئي طرف اڄ سنڌ هاءِ ڪوٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي به ٻڌڻي ٿي. عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. سيڪريٽري دفاع ۽ گهرو سيڪريٽري کان حلف نامي سان گڏ جواب طلب ڪيو ويو آهي. عدالت گم ٿيل شهري جي مڪمل ٽريول هسٽري طلب ڪندي سڄي ملڪ جي ٿاڻن تان به رپورٽ طلب ڪري ورتي